تيرٿ گوبندرام سڀاڻي

تيرٿ گوبندرام سڀاڻي

تيرٿ گوبندرام سڀاڻي

تيرٿ گوبندرام سڀاڻي :سنڌي ٻولي ۽ ادب جي مشھور ليکڪ ۽ صحافيءَ تيرٿ سڀاڻيءَ جو جنم 19 فيبروري 1906ع تي لاڙڪاڻي، سنڌ ۾ ٿيو. سندس ننڍپڻ ۽ جوانيءَ جو گھڻو عرصو سنڌ ۾ گذريو. هن پنھنجي تعليم سنڌ ۾ حاصل ڪئي. 1934ع ۾ روزاني اخبار ’هندو‘ جي اسسٽنٽ ايڊيٽر طور عملي زندگيءَ جي شروعات ڪئي ۽ 1947ع تائين اِن عھدي تي فائز رهيو. ورهاڱي کانپوءِ هندستان لڏي ويو. هن اتي 1972ع ۾ ’هندستان ‘نالي سان روزاني سنڌي اخبار جاري ڪئي ’هندواسي ‘نالي هفتيوار سنڌي مئگزين جي ايڊيٽوريل بورڊ ۾ شموليت اختيار ڪئي ۽ آگسٽ 1990ع ۾ وفات تائين ان بورڊ جو ميمبر ٿي رهيو. انقلابي هئڻ ڪري ٽن سالن کان وڌيڪ عرصي تائين جيل ۾ رهيو. مٿس مھاتما گانڌيءَ جي سياسي نظريي جو گهرو اثر هو. ورهاڱي کانپوءِ هن لڏپلاڻ ڪندڙ سنڌي هندو پناهگيرن جي خيمن جي حفاظت ۽ سار سنڀال جون ذميواريون سنڀاليون. هندستان ۾ سنڌين جي آبادڪاريءَ جي سلسلي ۾ حڪومتي سطح تي ڪم ڪيو. ان کانسواءِ ’گانڌي ڌام‘ ۾ قائم ميونسپل ڪارپوريشن جو صدر ۽ ميتري مڊل ايجوڪيشن سوسائٽيءَ جو سيڪريٽري پڻ رهيو. تحريڪ آزاديءَ دوران هن سياسي بيداريءَ لاءِ ڪيترائي مضمون لکيا. ادبي ۽ سياسي حوالي سان مختلف موضوعن تي سندس 22 ڪتاب پڻ شايع ٿيا، جن ۾: ’اندر جنين اُڃ‘، ’جيون ڌارا‘، ’جيون جهروڪا‘، ’اچل پريم‘ (ناول)، ’دل ڪر درخت جي دستور‘ (ناول)، ’سچ جي پيروي‘ (مضمون)، ’صحيح زندگي‘، ’ايشور منش جي جنم ۾‘، ’ايشور آهي‘، ’ايشور درسن‘، ’سائين جنين ساڻ‘، دُک دُک‘، ’آتم اُنتي‘، ’سک ساگر‘، ’جيون جوت‘، ’تنھنجي سرڻ، تھنجي اڇيا‘، ’ايشور ڪرپا‘، ’ديش ڀڳت‘، ’انوکي پريت‘، ’سونھري پشپا‘، ’امرت وچن-سري رام ڪرشن‘، ’امرت وچن- سوامي وويڪانند‘، ’گيتا‘، ’بدلو‘ (ترجمو)، ’جيون ڪلا‘ ۽ ’برهم وديا‘ (مضمون) شامل آهن. 1990ع ڌاري هندستان ۾ وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1906.02.19  عيسوي

سنڌي ٻولي ۽ ادب جي هن ليکڪ ۽ مڃيل صحافيءَ جو جنم 19 فيبروري 1906ع تي لاڙڪاڻي، سنڌ ۾ ٿيو.



صحافي - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

آفتاب احمد خانزاده
شيخ عزيز
ضمير نيازي
آصف رضا موريو
در محمد ڪمال
دين محمد وفائي مولانا
خير محمد نظاماڻي
جاويد ڀٽي
رڪ سنڌي
خليل الرحمان مير
صحافي ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون